SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nuclear Winter

(click word to listen sound
  • 🔊
  • njuːkliər
  • wintər
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Nuclear Winter

نوڪليئر ونٽر

نيوڪليائي سيارو

”ٿڌي لڙائيءَ“ جي ڏينهن ۾ استعمال ٿيندڙ هن اصطلاح موجب ٻن عظيم عالمي نيوڪليائي طاقتن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به حادثاتي نيوڪليائي جنگ جي نتيجي ۾، ڌرتيءَ جي گولي تي ماحولياتي ۽ موسمياتي حوالي سان سڄو وايو منڊل تبديل ٿي ويندو. هن وضاحت ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته نيوڪليائي هٿيارن جي نشانن تي لڳڻ بعد جيڪي مٽيءَ جا وڏا طوفان پيدا ٿيندا، اُهي سج جي ڪرڻن کي مُختلف مٽيءَ جي تهن ذريعي مُڪمل طور ڍڪي ڇڏيندا، جنهن جي نتيجي ۾ ڌرتيءَ تي گرميءَ جو پد بالڪل هيٺ ڪري پوندو. جيتوڻيڪ ”نيوڪليائي سياري“ جي اصطلاح بابت ڪيل وضاحتون ڪن به سائنسي حقيقتن يا ثابت ٿيل تجربن جي بنياد تي نه، پر انهن اندازن تي بيٺل آهن، جيڪي مُختلف جنگين ۾ دُنيا جي شهرن مٿان روايتي هٿيارن ذريعي ٿيل بمبارين ۽ ٻرندڙ جبلن جي تباهه ڪارين منجهان اخذ ڪيل نتيجن تي قائم ڪيا ويا. ان هوندي به ”نيوڪليائي سياري“ واري تصور اُسريل ملڪن جي عوام ۽ ٻين باخبر حلقن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پيدا ڪري ڇڏي ۽ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ان بابت وڏا بحث مباحثا ٿيا. ان ڪري سڄي دُنيا جي باشعور حلقن آمريڪا ۽ سوويت يونين طرفان نيوڪليائي ٽيڪنالاجيءَ کي فوجي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ واري وڌندڙ رُجحان جي نندا ڪئي. اهو دراصل عالمي سطح تي وڌيل عوامي دٻاءُ جو نتيجو هو، جو 1985ع ۾ آمريڪي صدر رونالڊوريگن جي انتظاميا هوڏ واري پاليسيءَ تان لهي، گورباچوف جي قيادت ۾ روسي قيادت سان ڳالهيون شروع ڪيون.


Remember Me Also:

چانري

اسم خاص. تعلقي بدين ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal